راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي ا??وڻ?? سربراهه ايڊمرل يس??ور الحق ملڪ کي لاهور ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ما??ُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ هٿياربند فوج جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسرن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن پاران ايڊمرل يس??ور الحق ملڪ جي قبر تي گل رکيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب ايڊمرل يس??ور الحق ملڪ 1954ع ۾ نيوي ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن 1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪ ̵1; ڀارت جنگين ۾ حصو ورتو. مرحوم 1988ع کان 1991ع تائين پاڪ بحريه ج?? سربراهه رهيو. مرحوم نيول چيف بطور ڪمانڊر پاڪستان فليٽ، وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف ۽ چيئرمين پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جا به فرض سرانجام ڏنا.