اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو کان متاثر ٻارن جي ڪيسز جو انگ وڌي رهيو آهي جنهن جي لاءِ اڃا وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب وز??را??ظم سان پوليو جي خ??تم?? واري ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾و ز??را??ظم جو قومي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وز??را??ظم جي پوليو جي خ??تمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق، قومي صحت وارو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر انوارالحق، صحت جي عالمي اداري جو ڊپٽي نيشنل ٽيم ليڊر ڊاڪٽر صوغائر ۽ سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن جو سينيئر ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد صفدر شامل هئا. وز??را??ظم چيو ته بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس مون کي خ?? لکيو آهي جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ جاري پوليو جي خ??تم?? واري مهم ۽ ان مهم جي لاءِ ڪم ڪندڙ سمورن پوليو جي خ??تم?? وارن ورڪرز جي ڏينهن رات محنت کي ساراهيو آهي. وز??را??ظم چيو ته بل گيٽس فائونڊيشن ۽ سمورن ملڪي ۽ عالمي حصيدارن ج?? ٿورائتا آهيون جن جي حمايت ۽ تعاون جي ڪري پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ اهم قدم کنيا پيا وڃن ۽ پوليو کي پاڪستان مان ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وز??را??ظم چيو ته صحت جي سمورن شعبن بشمول پوليو جي خ??تمي ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌايو پيو وڃي ته جيئن عوامي صحت ۽ سارسنڀال جي نگراني جي عمل کي جديد رخن تي قائم ڪري سگهجي ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته پوليو جي خ??تم?? واري مهم دوران لاڳاپيل ماڻهن جي پوليو کان وڌيڪ متاثر علائقن جي دورن جو منظم روسٽر جوڙيو وڃي ته جيئن انهن مهمن کي اڃا وڌيڪ لاڀائتو بڻائي سگهجي. وز??را??ظم چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو کان متاثر ٻارن جو انگ وڌي رهيو آهي، جنهن جي لاءِ وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ۽ ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن. وز??را??ظم کي پوليو جي خ??تمي جي تازي مهم ۽ ان جي نتيجن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مقامي ماڻهن جي مدد سان پوليو جي خ??تم?? واري تحريڪ کي ڪامياب بڻايو پيو وڃي.