لاهور- 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لوئر ڪرم جي علائقي بگن ۾ سرڪاري گاڏين جي قافلي تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته امن امان ۾ ر??نو وجهندڙن ۽ انسانيت جي دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم ڊپٽي ڪمشنر جاويد جاويد الله محسود سميت زخ??ين جي صحتيا??ي لاءِ دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته فائرنگ سبب امن معاهدي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، امن امان ۾ ر??نو وجهندڙن ۽ انسايت دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ??هش??گردي خلاف سرگرم عمل آهن.