اسلام آب??د ?? 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ مظاهرين جي جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حمل?? جي مذمت ڪريون ٿا، واقع?? جي شفاف جاچ ٿي?? گهرجي. ڪراچي ۾ جنگ ۽ جيو گروپ جي مرڪزي آفيس تي حملي کانپوءِ نجي ٽي وي چينل تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر تشدد ڪنهن به ص??رت ۾ قابل قبول نه آهي ۽ حڪومت ڪنهن به ص??رت ۾ ڪنهن کي تشدد جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي، سنڌ حڪومت ڇو وقت سر پوليس مهيا نه ڪئي. شبلي فراز چيو ته واقعي ۾ پوليس جو خاموش تماشائي بڻجڻ سمجهه کان مٿي آهي ته پوليس مظاهرين جي خلاف ايڪشن ڇو نه کنيو، واقعو ڪراچي ۾ ٿيو آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها واقع?? جي مڪمل جاچ ڪرائي ته ڪهڙا محرڪات هئا ۽ واقعي ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا.