اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قانون موجب محمد نواز شريف جي واپسي جي ضمانت گهري وئي آهي، اسان هڪ بيمار شخص جي صح?? تي سياست ڪرڻ جا قائل نه آهيون، ????با?? شريف انا جي خول مان نڪري ڀاءُ جي صح?? تي ذميواراڻو رويو اختيار ڪري، سياست پوءِ به ٿيندي رهندي جڏهن ته انساني جان وڌيڪ قيمتي آهي، مولانا فضل الرحمان جو پلان بي به پلان اي وانگر ناڪام ۽ نامراد ث??بت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ عدالت ٻاهران صح??فين سان ڳالهائيندي ڪيو.