اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول صاحب! جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جو وس هلي ته ٻن خان??ان?? کان قوم جي لٽيل رقم واپس ڏياريو، ان جي خلاف تحريڪ هلايو پوري قوم توهان جو ساٿ ڏيندي، بلاول صاحب عوام جو وس هلي ته ٿر جي معصوم ٻارن جي قاتلن کي عبرت جو نشان بڻائي ڇڏي. پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام جو وس هلي ته انهن جو مستقبل انهن کان کسيندڙن کي لوهه جا زيور پارائين، بلاول صاحب! پاڪس??ان جي عوام باشعور آهي، هن چيو ته عوام مخالف ڌر جي اصليت ۽ نيت ٻنهي کان چڱي ريت آگاهه آهي.