اسڪردو – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي مختصر دوري تي اسڪردو پهتو. اسڪردو ۾ اجلاس جي صدار?? ڪندي صدر چيو ته بلتستان ڊويزن ۾ ڪورونا سان ڪو شخص فوت ناهي ٿيو، 83 مان 78 جو صحتياب ٿيڻ مختلف ادارن جي وچ ۾ تعاون جو عڪاس آهي. هن چيو ته هو ٽيسٽنگ ڪٽس سميت اهم سامان کڻي آيو آهي جنهن سان هتي ڪورونا جي خلاف ڪم جي رفتار اڃا وڌندي. صدر زور ڏنو ته عالم سڳورن سان گڏجي رمضان المبارڪ ۾ به اجتماعن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙينداسين. صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ڪ??رونا ٽيسٽ جي سهولت کي 5 هزا?? مان وڌائي 25 هزار ڪنداسين.