اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) منصوبابند?? ۽ ??رقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عمران خان 22 سال سياسي جدوجهد ڪرڻ کانپوءِ وزارت عظميٰ تي فائز ٿيو، سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سخت لاڪ ڊائون جي پ??ليسي ڪامياب نه ٿي سگهي، وزيراعظم عمران خان جي ذاتي دلچسپي سان سرڪاري شعبي جي ترقياتي پ??وگرام ۾ ڏيڍ سئو ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو، هلندڙ سال مارچ تائين اسان جي اوڳاڙين ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو هو، بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آهن، سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي پ??لڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان ٺاهي ويندي، ديامير ڀاشا، داسو ۽ مهمند ڊيم تي ڪم شروع آهي. ??وم?? اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي منصوبابند?? ۽ ??رقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته الله تعاليٰ ڪورونا کان اسان سڀني کي محفوظ رکي، جيڪي ان جو شڪار ٿيا انهن جي مغفرت فرمائي. اهو چيو ويو ته حڪومت جي ناقص پاليسي سان ڪورونا جو ڦهلاءُ ۽ ماڻهو ان جو شڪار ٿيا. عمران خان مخالف ڌر جي اعصاب تي سوار هوندو آهي، ڪورونا 180 ملڪن ۾ آه?? ۽ ??مران خان جي حڪومت رڳ?? هتي آهي.