اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) پي??روليم ??اري وفاقي وزير عمر ايوب خان ۽ وزيراعظم جي پي??روليم ??اري خاص معاون نديم بابر چيو آهي ته پاڪستان ۾ پي??رول ۽ ڊيزل جي قيمت ڏکڻ اوڀر ايش??ا ۾ هن وقت به سڀ کان گهٽ آهي، گذريل 46 ڏينهن ۾ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ 112 سيڪڙو اضافو ٿيو، پاڪستان ۾ پي??روليم ??صنوعات جون قيمتون اٽڪل 25 سيڪڙو وڌايون ويون آهن، وزيراعظم جو ويزن آهي ته عوام کي ??ليف ڏنو وڃي، اسان جو مقابلو مافياز ۽ ذخيره اندوزن سان آهي، انهن کي ??ه بي نقاب ڪنداسين، مسلم ليگ (ن) 2015ع ۾ مافياز کي ??حفظ ڏنو، اسان مافياز کي ٽوڙينداسين، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا لائيسنس رد ڪرڻ جي لاءِ اوگرا کي مضبوط بڻائينداسين، غيرقانوني پمپن جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو، اوگرا پاران ڪيل ڏنڊ ناڪافي آهن، 30 ڏينهن ۾ سمورن آئل ڊپوز جا انگ اکر سڌوسنئون دستياب هوندا، آئل ريفائنرين جي اپ گريڊيشن وقت جي ضرورت آهي، غيررجسٽرڊ پي??رول پمپن جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، پاور ڊويزن ۾ منهنجو ڪو عمل دخل نه آهي، پنهنجي اثاثن جا تفصيل ڪابينا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، وزيراعظم چاهي ته انهن کي پبلڪ ڪري ڇڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن هڪ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي ڪيو. پي??روليم ??اري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو ته حقيقت هن وقت اها آهي ته عالمي منڊي ۾ گذريل 46 ڏينهن ۾ پي??رول جي قيمت 112 سيڪڙو وڌي آهي. اسان پاڪستان ۾ ان جي قيمت ۾ اٽڪل 25 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. جنهن وقت قيمتون گهٽ ٿي رهيون هيون ان وقت به وزيراعظم جي ويزن موجب پاڪستان جي عوام کي ??ليف ڏنو ويو ۽ هاڻي به پاڪستان جي عوام ۽ پاڪستان جي پورهيتن کي وزيراعظم تحفظ ڏئي رهيو آهي.