اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صوبن جي حمايت سان نظرثاني ذريعي 18 ترميم بهتر ٿي سگهي ٿي، وسيلن جي حوالي سان اختلاف معمول جو ??صو آهن، عمران خان جي ڪرپشن جي خلاف جنگ جاري آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت اسڪينڊلز جي جاچ عام ڪئي، ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ??يد??لا??حيٰ تي اجتماعي قر??اني جو ??هتمام ٿيڻ گهرجي. هڪ نجي ٽي وي کي پنهنجي انٽرويو ۾ صدر چيو ته عيدالفطر ۽ تراويح جي حوالي سان عالم سڳورن ۽ ٻين سمورن حصيدارن جي مشاورت سان ايس او پيز طئي ڪيا، ان سلسلي ۾ مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن سان به رابطا ڪيا ويا ۽ اتفاق راءِ ??ان ايس او پيز جوڙيا ويا. بعد ۾ ٻي دنيا به اهي ايس او پيز اختيار ڪيا، ان حوالي سان پاڪستان قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته ڪورونا کان بچاءُ سان گڏوگڏ ماڻهن جي معاشي ذريعن جو ??يال رکڻ جي لاءِ ??ه صحيح فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته گذريل ٻن هفتن کان ڪورونا جي ڪيسن ۾ اضافي جو ??جحان رڪجي ويو آهي، الله جو و??و احسان اهو آهي ته اسان وٽ ايترو و??و بحران پيدا نه ٿيو، جنهن جا خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا. صدر چيو ته عيد??لا??حيٰ جي تيارين جي سلسلي ۾ ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪئي وڃي ته ان صورتحال ۾ اجتماعي قر??انين جو ??هتمام ڪيو و??ي ۽ رش کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عيد جي نماز جي لاءِ ??ماجي فاصلي ۽ ٻين ضروري ايس او پيز جي سختي سان پيروي ڪئي وڃي. مون کي اميد آهي ته عيد??لا??حيٰ ۽ محرم الحرام جي موقعي تي خصوصي احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن ته اسان ڪورونا کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي وينداسين.