چلاس – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان گلگلت بلتستان خاص طور تي چلاس ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، حڪومت گلگلت بلتستان سميت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۽ ماڻهن جي ترقي تي خاص ڌ??ان ڏئي رهي آهي، پن بجلي جي پيداوار سان نه رڳو م??حول تي منفي اثر پوندا پر ملڪ ۾ سستي بجي پيدا ٿيندي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان نوڪرين جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي دوري دوران هتي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهي ئي قومون ترقي ڪن ٿيون جيڪي اڳتي وڌڻ جو س??چين ٿي??ن، مشڪل فيصلا ڪن ٿي??ن، عوامي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن ٿي??ن، انساني وسيلن جي ترقي تي سيڙپڪاري ڪن ٿيون. هن چيو ته انصاف جي فراهمي، قانون جي حڪمراني ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن تي ڌ??ان ڏيندڙ قومون ترقي جون منزلون طئي ڪن ٿيون ۽ اهي ظلم کان آزاد ٿي وڃن ٿيون.