اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو هڪ سال مڪمل ??يڻ تي ڪشميرين جي حمايت ۽ ڀارتي ڏاڍ ۽ استحصال جي خلاف جرئتمنداڻو آواز بلند ڪرڻ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون 8 آگسٽ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد پاران ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدم ک?? اجاگر ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃان ٿو. ڊاڪٽر مهاتير محمد ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ گذريل سال پنهنجي خطاب جو دفاع ڪندي چيو ته ڀارت جي ردعمل ۽ پا?? آئل جي درآمد متاثر ??يڻ جي باوجود هو ڀارت جي قدمن جي خلاف ڳالهه ڪندو ۽ ڀارت جي ناانصافي تي آواز بلند ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ کيس ڀارت جي خلاف ڳالهه ۾ ??ا شرمندگي نه آهي.