??سل??م آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد حسين چوڌري چيو آهي ته صحافت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ ضرورت آهي، سمورن صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئلنز شروع ڪرڻ گهرجن، پرنٽ ميڊيا کي ڪي??رائي چئلينج درپيش آهن، عوام جي خوشحالي لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، نيب حڪومت جي انتظام هيٺ ناهي، پنجاب حڪومت نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي جاچ ڪندي، اطلاعات واري وزارت جي ٻن سا??ن جي ڪارڪردگي ڏسي خوشي ٿي، ميڊيا ٽريننگ ورڪشاپ ۽ ان کانپوءِ ميڊيا سا?? ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ٻن سا??ن جي ڪارڪردگي ڏسي خوشي ٿي،جن ستن نڪتن تي مون ڪم ڪيو هو هاڻي به اهي هلي رهيا آهن، هن تجويز پيش ڪئي ته صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئنلز شروع ڪرڻ گهرجن، عوام اسيمبلين جي ڪارروائي ۽ قانونسازن جي ڪارڪردگي ڏسي سگهندي، هن چيو ته اسان جمهوريت سا?? فاشزم جو رستو روڪڻو آهي ته ان ۾ صحافين جو ڪردار اه?? آهي.