اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪ??مت قومي دولت ڦرڻ ۾ ملوث بدعنوان اڳواڻن کي رليف يا اين آر او نه ڏيندي. هن نجي ٽيليويزن چئنل جي هڪ پروگرام ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته مافيا متحد ٿي رهي آهي جيڪا عدم استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته جمهوري طور تي چونڊيل حڪ??مت کي مايوس ڪرڻ جي لاءِ گجرانوالا ۾ جلسو ڪندڙ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شر??ت ڪندڙ ماضي ۾ هڪ ٻئي جي خلاف گار گند جو استعمال ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي انهن شر??ت ڪندڙن کي اهو مشورو ڏنو ويو آهي ته هو هڪ ٻئي جي شناخت لڪائڻ جي لاءِ چهرن تي رومال رکن. سينيٽر فراز بيان ڏنو به جلسن ۾ شر??ت ڪندڙن س??نيٽائيزر، نقاب ۽ پاڻي مهيا ڪيو ويو هو، هن ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، جيڪو طبي علاج مان لطف اندوز ٿيڻ جي لاءِ لنڊن ويو هو هاڻي اتان کان س??است ڪري رهيو آهي، اڳوڻي حڪ??مت جي ڪردار تي تنقيد ڪندي هن چيو ته عمران خان جي حڪ??مت تي تنقيد ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ پنهنجي 40 سالن جي عرصي حڪ??راني ۾ سڌارا نه آڻي سگهيا هئا، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪ??مت انهن اڳواڻن کي رليف نه فراهم ڪندي جيڪي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي معاملن ۾ ملوث آهن.