اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) بزرگ ??حا??ي ۽ قومي خابرو اداري ايسوسئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو اڳوڻو چيف نيوز ايڊيٽر عثمان حميد خان 73 سالن جي عمر ۾ جمعي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي عصر جي ??ماز کانپوءِ مغليه گارڊن واه جي ??برستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪ??و ويو، مرحوم جي جنازي نماز ۾ رشتيدارن، ساٿين ۽ دوستن شرڪت ڪئي. عثمان حميد پهرين اپريل 1948ع تي روالپنڊي جي ??يجهو قصبه واهه ۾ پيدا ٿيو. هن 1968ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان انگريزي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ انگريزي اخبار نيوز ٽائيم راولپنڊي ۽ خابرو اداري اي پي پي کان پنهنجي ??حا??تي ڪ??ريئر جو آغاز ڪيو. هو پهرين فيبروري 1977ع تي اي پي پي سان جڙي ويو. هن قومي خابرو اداري ۾ پنهنجي شاندار ??حا??تي ڪ??ريئر دوران اهم نوعيت جي رپورٽنگ ۽ ڊيسڪ تي چيف نيوز ايڊيٽر جا فرض سرانجام ڏيڻ کانسواءِ مختلف صدرن ۽ وزيراعظم سميت وي آءِ پي ڪ??ريج جون ذميداريون به بهترين انداز ۾ نڀايون، جنهن کي قومي اخبارن جي ??ڏين سرخين ۾ نمايان جڳهه ملي. هن ڪيريئر دوران ڊپلوميٽڪ ڪارسپانڊنٽ طور به فرض سرانجام ڏنا، سندس شاندار ??حا??تي خدمتن تي انٽرنيشنل آرگنائيزيشن آف جرنلسٽس جي اهمتام هيٺ عالمي ??حا??تي مقابلي ۾ ايوارڊ سان به نوازيو ويو. هُو پنهنجي ??يشيوراڻي مهارت، شفيقاڻي رويي جي بنياد تي نه رڳو اي پي پي پر ??حا??تي برادري ۾ قابل احترام حيثيت رکندو هو، هو 31 مارچ 2008ع تي قومي خابرو اداري مان رٽائر ٿيو.