اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پاڪستان ۾ قائم فلسطيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد اي رابي سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته فلسطين جي موجوده صورتحال تي پاڪست??ن جي حڪومت ۽ عوام ۾ گهري ڳڻتي آهي. هن غزه ۾ اسرائيل طرفان مسلسل فضائي ح??لن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اسرائيلي ح??لن جي ڪري معصوم فلسطينن جون شهادتون واقع ٿيون آهن جنهن تي پاڪستاني عوام انته??ئي ڏکويل آهي ۽ ان مشڪل وقت ۾ هو پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن ۽ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان مسجد الاقصيٰ جيڪا مسلم??ن جو قبله اول آهي، جي تقدس جي پائمال ڪرڻ ۽ معصوم عبادت گ??ارن تي ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيل ظلمن جي خلاف عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۾ پنهنجي سمورن هم منصوبن کي خط جاري ڪيا آهن، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني جي بانين اسرائيل جي قيام کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو ۽ ان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت پاڪست??ن جي بانين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ۽ ان ن تي عمل پيرا آهي.