تربيلا – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ملڪ ۾ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪوششون ڪري رهيا آه??ون، 10 سالن ۾ 10 نوان ڊيم ٺاهينداسين، مهمند ڊيم 2025ع ۽ ڀاشا ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندو، جي??تائين ڊيم نه ٺهندا اسان ??اڻي کي ذخيرو نٿا ڪري سگهون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار تربيلا 5 توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪوشش آه?? ته 2030ع تائين پاڪستان ۾ ماحول دوست بجلي ٺهي، تربيلا جي توسيع منصوبي مان ??احول دوست بجلي پيدا ٿيندي، موجوده حڪومت 10 سالن ۾ 10 نوان ڊيم ٺاهيندي، جڏهن ته تع??ير هيٺ مهمند ڊيم 2025ع ۽ ڀاشا ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ بجلي لاءِ مهانگا معاهدا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت کي مهانگي بجلي خريد ڪرڻي پئجي رهي آه??، حڪومت پ?? بجلي ۽ شمسي توانائي مان بجلي ٺاهڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آه??. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جو مسئلو درپيش آه?? جنهن جي ڪري دنيا جي موسم تيزي سان گرم ٿي رهي آه??، جيڪب آباد هن وقت گرم ترين علائقو آه??، ٻيلن ۾ پهريون اهڙي طرح باهه نه لڳندي هئي جي??ن هاڻي لڳي رهي آه??، روس، ترڪي ۽ يونان ۾ اهڙي طرح باهه لڳل آه?? اهڙي انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي لڳي، ان کان اڳ اهڙيون ٻوڏون نه آيون جي??ن هاڻي اچي رهيون آه??. هن چيو ته چين دنيا ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آه??، چين مستقبل جي اڳواٽ منصوبابندي ڪندو آه??، مستقبل جي لاءِ وقت کان ??هرين منصوبابندي جي ضرورت آه??، هن چيو ته اسان اهڙي بجلي ٺاهيون جنهن سان گلوبل وارمنگ تي اثر نه پوي. وزيراعظم چيو ته تربيلا جي توسيعي منصوبي سان تربيلا ڊيم جي زندگي وڌي ويندي، صرف 4 ميل پري مٽي آه?? جيڪا ڊيم ۾ ڀرجي ويندي آه?? ان توسيعي منصوبي سان ڊيم ۾ ايندڙ مٽي کي فليش ڪرڻ ۾ مدد مندي، داسو ۽ ڀاشا ڊيم جو وقت تي ٺهڻ به ضروري آه?? ڇاڪاڻ جو ان سان تربيلا ڊيم ۾ مٽيءَ جو ڀرجڻ گهٽجي ويندو، جنهن سان ڊيم جي زندگي وڌيڪ ڊگهي ٿي ويندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسان ??هرين انهن شين جو ناهي سوچيو، ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو 1984ع ۾ ٿيو هو. هن سوال ڪيو ته ڇا ماضي ۾ ڪنهن ۾ اڳتي جي سوچ نه هئي، ماضي جي حڪومتن شايد پنج پنج سال پنهنجي اليڪشن جو سوچيو ڇاڪاڻ جو ڊيم ٺهڻ ۾ وقت لڳندو آه??، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آه?? ته تربيلا ڊيم جو پنجون توسيع منصوبو 807 ملين ڊالر جي لاڳت سان تع??ير ڪيو پيو وڃي جنهن جي لاءِ عالمي بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوبي جي تع??ير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهي آه??، اهو منصوبو ٽن سالن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، منصوبو جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ تربيلا ڊيم کي مٽي ڀرجڻ جي خطرن کان ??حفوظ بڻائڻ آه??، منصوبي سان تربيلا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنيادن تي پاڻي جي دستيابي جاري رهندي. تربيلا پنجين توسيعي منصوبي مان 1530 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ سستي پن بجلي حاصل ٿيندي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. جڏهن ته تربيلا جي پنجين توسيعي منصوبي جي تع??ير سان ??لازمتن جا 3 هزار موقعا پيدا ٿيندا، منصوبي جي ڪري تربيلا مان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4888 ميگاواٽ کان ??ڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، تربيلا پنجون توسيعي منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.