اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) او آءِ س?? جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان سندس سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان سميت خط?? جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپ?? جي مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان سعودي عرب سان ٻطرفن اقتصادي ۽ مع??ش?? لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ انهن کي سياس?? لاڳاپن سان هم آهنگ بڻائڻ ج?? لاءِ پرعزم آهيون. پرڏيهي وزير مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مع??ونت تي سعودي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزبان?? لاءِ تيار ??هي. هن چيو ته هڪ ٻئي پٺيان ٻن پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاسن جي ميزباني مسلمان امت ج?? لاءِ پاڪستان جي سنجيده سوچ جي ترجماني ڪري ٿي. پاڪستان او آءِ سي کي مسلمان امت جو مستحڪم آواز سمجهي ٿو، اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ پراڻن تڪرارن جي حل لاءِ او آءِ س?? جي موثر ڪردار ??و گهرجائو آهي. 40 سالن تائين جنگ ۽ جدل کانپوءِ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران ج?? لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا ج?? لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. اسان ڪشمير مسئل?? جي حوالي سان او آءِ س?? جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. 57 مسلمان ملڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئل?? جي منصفاڻي حل ج?? لاءِ موثر ڪردار ڪري سگهي ٿي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي شاندار ??نتظامن کي ساراهيندي پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.