اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻيهر ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ۽ جڏهن آئون بيمار ٿيندو آهيان ??ه اهو ئي شفا ڏيندو آهي، منهنجو ڪورونا ٽيسٽ ٻيهر مثبت آيو آهي. هن چيو ته 4، 5 ڏينهن کان ??لو خراب هو پر بهتر ٿي رهيو هو، ٻه راتيون اڳ ڪجهه ڪلاڪ لاءِ معمولي بخار ٿيو، منهنجا دوستو، احتياط ڪ??يو ۽ ايس او پيز تي عمل ڪريو.