اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خ??اهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ??ائ??لينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊون پرامودونائي سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??ائ?? لينڊ سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير سياحت جي ف??وغ لاءِ ??ائ??لينڊ جي وسيع تجربي مان فائدو کڻن جي ارادي جو ا??هار ڪيو. گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت ورثي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير ملڪ ۾ مذهبي سياحت جي ف??وغ لاءِ پاڪستان جي پاليسي جي مقصدن کان ??ائ?? لينڊ جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو ا??هار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي، واپاري، سياسي ۽ ثقافتي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو ا??هار ڪيو. افغانستان جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان کي معاشي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ عالمي کان انساني بنيادن تي افغان عوام جي معاونت جو گهرجائو آهي. ??ائ?? پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خ??اهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده را??طي جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي پرڏيهي وزيرن ويجهي را??طي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.