اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر ملاقات ڪئ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پا?? آمريڪا لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. ان جي عزم ۽ همت ۽ سياسي جدوجهد کي ساراهيندي وزيراعظم شهباز شريف پا??ستان جي پهرين دوري تي سندس شاندار آجيان ڪئ??. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئ?? ته ان سان پا??ستان ۽ آمريڪي عوام جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا ۽ پا??ستاني پارليامينٽ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي سگهه ملندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پا??ستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل احترام، اعتماد ۽ برابري تي ٻڌل ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي ته آمريڪا پا??ستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پا??ستان آمريڪا لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ سمنڊ پار پا??ستانين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پا??ستان قومي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ ان جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو جنهن سان خطو پنهنجي اقتصادي صلاحيت ??ي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهي ۽ سماجي ترقي کي فروغ ڏئي سگهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم ڏکڻ ايشيا ئي پنهنجي ترقي تي ڀرپور ڌيان ڏئي سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسلامو فوبيا جهڙي برائي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڪانگريس ميمبر الهان عمر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئ?? ته پا??ستان جي دوري سان پا??ستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ڪانگريس جي عورت ميمبر الهان عمر 20 کان 24 اپريل 2022ع تائين پا??ستان جو دورو ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ قيادت سان ملاقاتن کانسواءِ هو لاهور ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندي ته جيئن پا??ستان جي ثقافتي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي وڌ کان وڌ سمجهي سگهي.