اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ماءُ جي عالمي ڏينهن تي اسان سڀ گڏجي ماءُ جي عظيم رشتي کي سلام پيش ڪريون ٿا، ماءُ کان وڌيڪ مخلص رشتو ڪو نه آهي، ماءُ رڳو ماءُ هوندي آهي الله تعاليٰ انسان سان پنهنجي مح??ت جي تعارف جو ذريعو ماءُ کي بڻايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??ه جنت ماءُ جي پيرن هيٺ آهي ۽ ماءُ جي خدمت اصل ۾ انسان جي ڪردار جي گواهي هوندي آهي. وزيراعظم چيو ته اچو ماءُ جي خدمت ڪري دنيا ۽ آخرت سنواريون، ??ون سميت هر انسان جي ڪاميابي جي پٺيان ماءُ جي مح??ت، حوصله افزائي ۽ دعا اهم ذريعو هوندي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان فلسطين ۽ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ماءُ کي خاص سلام پيش ڪريون ٿا جن جا پٽ شهيد ڪيا ويا، اڄ اسان ملڪ جي عزت ۽ حرمت تي قربان ٿيندڙ شهيدن جي مائرن کي قوم جو سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته مدر ٽريسا ۽ پاڪستان ۾ 55 سال جزام جي مرض سان وڙهندڙ ڊاڪٽر رٿ فا جهڙي عظيم ماءُ کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. اسان مح??رمه بلقيس ايڌي کي سلام عقيدت پيش ڪريون ٿا، جنهن معاشري جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ منهنجي والده سم??ت اسان جي مرحوم مائرن کي جنت ۾ جڳهه ڏي. هن چيو ته منهنجي عظيم والده اسان کي اسلام، قرآن، رسول ڪريم ﷺ ۽ پاڪستان سان مح??ت ڪرڻ سيکاريو، زندگي ۾ مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو ڏنو، عاجزي ۽ انڪساري سيکاري اڄ جيڪو ڪجهه آهيان پنهنجي باهمت والد ۽ پنهنجي عبادتگذار والده جي دعائن ۽ تربيت جي ڪري آهيان جن جون مائرون سلامت آهن، انهن جي خدمت ڪريو ڇو ته ماءُ جو رشتو هڪ سانجهو ۽ عظيم رشتو آهي.