اسلام آب??د – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوات جي علائقي پتنئي ۾ باهه وسائڻ جي ??اءِ 2 هيليڪاپٽر فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي درخواست تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فو??ي ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ضلعي انتظاميا، ٻيلو کاتو ۽ ريسڪيو 1122 گڏجي بابوزئي تعلقي جي ??تنئي، مينگوره ۾ باهه وسائي رهيا آهن، خشڪ موسم ۽ تيز هوا جي ڪري باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان بچائڻ جي ??اءِ هيليڪاپٽر گهريا ويا هئا. وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي ضلعي انتظاميا ۽ مع??ون ادارن جي درخواست فوري منظور ڪندي باهه وسائڻ جون هدايتون جا??ي ڪيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته باهه وسائڻ جي ??اءِ فضائي امداد فوري فراهم ڪئي وڃي.