اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام کي ??نه?? جي جائز خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي هر ممڪن حمايت جي خاطري ڪرائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ ??ست??ڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو، گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود ڄمون ۽ ڪشمير جو پراڻو تڪرار فوري ۽ ذميواري جي احساس سان حل ڪرڻ گهرجي. اڄ جمعي ڏينهن 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ ??ست??صال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن، مسلسل غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ ڪشميري عوام جي ناقابل بيان مصيبتن تي بي حسي کي جاري رکندي ٽي سال گذري چڪا آهن. بي جي پي – آر ايس ايس جي اثر هيٺ ڀارتي حڪومت چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي واضح خ??اف ورزي ڪري رهي آهي ۽ غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي هندوتوا ايجنڊا کي نڪ نرڄائي سان اڳتي وڌائي رهي آهي، ڀارت جي آبادڪاري جي شيطاني سوچ جو محرڪ تڪراري علائقي تي مستقل طور تي قبضو ۽ ڪشميرين جي جدا تشخص کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي قابض فوج 5 آگسٽ 2019ع کان غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اضافي فوجين جي مقرري ۽ ميڊيا تي غيرمعولي پابنديون هڻي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال گذريل ٽن سالن دوران سنگين طور تي خراب ٿي آهي، ڪشميري عوام اڃا تائين فوجي گهيراءُ ۾ آهي، ان جي سينيئر قيادت بدستور قيد آهي ۽ ??نه?? جا نوجوان ڀارتي قابض فوج پاران گهيراءُ ۽ تلاشي، آپريشنز جي ذريعي انڌاڌند عدالت کان مٿ??نه??ن قتل جو نشانو بڻيل آهن، حقيقت ۾ ڪشميرين کي ??نه?? جي بنيادي حقن ۽ آزادين کان مسلسل محروم رکيو پيو وڃي. شهباز شريف چيو ته اميد جي عين موجب ڪشميري عوام انتهائي جرئت ۽ بهادري سان پنهنجي خ??اف ڀارتي ظلمن جي مهم کي ناڪام بڻايو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي جائز مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??نه?? جي هر ممڪن حمايت ڪئي آهي، پارليامينٽ ميمبرن، صحافين، انساني حقن جي ڪارڪنن، عالمي انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي برادري جي ميمبرن غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خ??اف ورزين تي مسلسل آواز اٿاريو آهي، ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ جارح ۽ غاصب طور دنيا جي آڏو بي نقاب ٿي ويو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه وڏي افسوسناڪ آهي ته غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت انساني وقار، انصاف ۽ انصاف جي عالمي تصويرن جي کليل خ??اف ورزي ڪري رهيو آهي، غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي پنهنجي خودمختياري جي حق جنهن جي ضمانت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن تحت ڏني وئي آهي کي حاص ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد کي ڀارتي قابض فوج پاران طاقت جي وحشياڻي ??ست??مال جي ذريعي دٻايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اها ڪشميري عوام جي بي مثال قوت ??را??ي ۽ همت آهي جنهن ??نه?? کي دهشتگردي ۽ محڪوم بڻائڻ جي هر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻايو آهي. ڀارت پنهنجي سموري ڏاڍ، تشدد ۽ ڌمڪائڻ جي حربن جي باوجود ??نه?? جي آزادي جي تڙپ کي وسائڻ ۽ ??نه?? جي مقامي ۽ جائز مزاحمت کي ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي آهي. ان پراڻي تڪرار کي فوري ۽ ذميواري جي احساس سان حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيئن ئي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو گهراءُ چوٿين سال ۾ داخل ٿي رهيو آهي، ڪشمير جي عوام جون نظرون ڀارتي ظلمن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻڻ ??ي لاءِ ??نه?? تي ڄمي ويون آهن جيڪي بنيادي حقن ۽ آزادين نيز انساني وقار جا علمبردار آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حقيقت ۾ عالمي برادري کي ڀارت تي انساني حقن جي خ??اف ورزين کي روڪڻ، آبادياتي تبديلين ۽ غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني قدمن کي روڪڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته جيئن ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي فوري عملدرآمد ذريعي پنهنجي خودمختياري جي حق کي ??ست??مال ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان پنهنجي ??نه?? ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻجندو جيڪي مسلسل لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ??نه?? جي جائز حقن کي مڪمل حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن حمايت فراهم ڪندو، اسان کي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ ??ست??ڪام، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو.