سکر – 12 – ??گس?? (اي پي پي) خيرپور ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس گرائونڊ خيرپور ۾ صبح 8 وڳي ٿيندي جنهن ۾ پوليس، ر??نجرز ۽ اسڪائوٽس جا دستا قومي جهنڊي کي سلام پيش ڪندا، ان دوران هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيف الله ابڙو جي صدارت ۾ ڊي سي آفيس خيرپور ۾ اجلاس ??يو. اجلاس ۾ پوليس، ر??نجرز، اي ڊي سي ون، اسسٽنٽ ڪمشنرز، ر??ڊيو پاڪستان، ميونسپل ڪميٽي، ر??ٽري ڪلب، تعليم، صحت، ر??ينيو، اسڪائوٽس، سماجي تنظيمن ۽ ٻيلي کاتي سميت ٻين کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊي سي خيرپور آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسپتالن ۾ مريضن کي گلدستا، مـٺائي ۽ فروٽ ورهائڻ ۽ سينٽرل جيل ۾ قيدين جي لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته سڄي شهر ۾ صفائي کي بهتر بڻايو ويندو.