اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ ڀرپور وسيلا وقف ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ مسلسل ڪوششون جاري رک??ون آهن. پاڪ فضائيه اهڙن ڏورانهن علائقن ۾ راشن، دوائون ۽ ??رو??ت وار??ون ش??ون ڪيرائڻ لاءِ هيليڪاپٽر آپريشن ڪري رهي آهي، جتي زميني رابطا مڪمل طور ڪٽيل آهن، ٻوڏ متاثر جي وڌ کان وڌ امداد لاءِ فلڊ رليف ڪيمپن ۾ بحاليءَ جي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي. پاڪ فضائيه جي اهلڪارن پڻ ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ ۽ طبي امداد جي فراهميءَ ??ان گڏوگڏ ٻين ??رو??ي شين جي فراهميءَ لاءِ ڏينهن رات ڏينهن مصروف آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن جي ازالي لاءِ پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??رو??تمندن خاندانن ۾ 23120 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 2130 پ??ڻيءَ جون هوتلون ۽ 3343 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا، جن ۾ کاڌي پيتي جون ش??ون شامل آهن.