اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ??هيد ميجر خرم شهزاد، ميجر منيب افضل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي محمد عمران خان، نائب جليل ۽ سپاهي شعيب جي گهروارن سان تعزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستاني فوج بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، اهي قربانيون ناقابل فراموش آهن. وزيراعظم ??عا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ گهروا??ن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.