اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، اهم مقرري ??ي مشاورت جي راءِ ڏئي ڪو غلط ناهي ڪيو، وفاقي وزيرن به مشاورت جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان مثال به موجود آهن، ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۽ معاشي ۽ سياسي ا??تحڪام جي لاءِ ضروري ??هي ته سموريون ڌريون گڏجي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪن، اميد آهي ڳالهين سان معاملن ۾ بهتري ??يندي. نجي ٽي وي چينل آج نيوز جي پروگرام ”روبرو“ ۾ خصوصي انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته ا??ندڙ سال 11 آگسٽ تي موجوده اسيمبلي مدو مڪمل ٿيڻ تي پاڻ ئي تحليل ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ ٻن مهينن جي اندر چونڊون ٿينديون ۽ جيڪڏهن اڄ به اعلان ٿئي ته نيون چونڊون ڪرائڻ ۾ 3 مهينا لڳي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ا??م مقرري ??ي مشاورت جي راءِ ڏيڻ ڪو غيرآئيني قدم نه هو، وفاقي وزيرن به ا?? معاملي تي مشاورت جي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته مشاورت جي حوالي سان اڳ ۾ به مثال موجود آهي. پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت عارف علوي چيو ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، هاڻي ا??حادي حڪومت تي آهي ته عدم استحڪام کي وڌيڪ وڌائڻو آهي يا نه، آئون چاهيان ٿو ته ا?? معاملي کي گڏجي ويهي حل ڪيو وڃي. صدر چيو ته اسان کي دنيا کي معيشت جي حوالي سان استحڪام ڏيکارڻو آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڪيل واعدا به ملڪ ۾ استحڪام جي صورت ۾ ئي پورا ٿيندا، انهي لاءِ ملڪ جي لاءِ ضروري ??هي ته سڀئي گڏجي ويهي ڳالهه ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان حڪومت سان نه ٿو ويهڻ چاهي ته ا?? جا ساٿي ته ويهي سگهن ٿا، مون کي تعجب آهي ان ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي، سياست جي ڪري معيشت ۽ ماڻهن کي نقصان ٿي سگهي ٿو. صدر وڌيڪ چيو ته ڪوشش ڪري ??هيو آهيان ته معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿين ۽ مون کي اميد آهي ان سان حالتن ۾ بهتري ??يندي. پاڪستان جي ا??ٽمي ا??اثن بابت آمريڪي صدر جي بيان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار جوهري ملڪ آهي، پاڪستان جي ا??ٽمي ا??اثن جو ڪنٽ??ول ۽ مئنيجمينٽ سسٽم بهترين آهي ۽ ائٽمي توانائي جو عالمي ا??ارو به ا?? جي توثيق ڪري چڪو آهي.