اسلام آباد – 15 – ڊس??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي حوالدار محمد امير ۽ هڪ شهري جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جي اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته دهشت گردي جي بزدلاڻيون ڪاروائيون اسان جا حوصلا ختم نه ٿي??ن ڪري سگهن، دهشت، وحشت ۽ درندگي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته شهيدن جون قربانيون ضاي?? نه وينديون، سڄي قوم پنهنجي سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺي آهي.