اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ آءِ ٽي روانگي واپار 15 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن، آءِ ٽي نصاب کي انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪيو وڃي، آءِ ٽي انڊسٽري پنهنجي برآم??ي آمدني پاڪستان آڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس ٿيو. وزيراعطم حڪومت ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي فو??ي حل جي خاط??ي ڪرائيندي لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آءِ ٽي انڊسٽري کي پنهنجي برآم??ي آمدني پاڪستان آڻڻ جي ترغيب ڏيندي چيو ته پاڪستان وٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي جنهن جو ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 2.6 بلين آمريڪي ڊالر مان 15 بلين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن، آءِ ٽي نصاب کي آءِ ٽي انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن خاط??ي ڪرائي ته آءِ ٽي انڊسٽري ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم محمد شه??از شريف آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ۾ حڪومت ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شامل هوندا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي جنهن جو ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان انٽر پرينيورز آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ ۽ ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽرز جو روانگي واپار پاڪستان ۾ آءِ ٽي سيڪٽر جي ٽيلنٽ ۽ صلاحيت جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهٽ آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آءِ ٽي روانگي واپار کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 2.6 بلين آمريڪي ڊالر مان 15 بلين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته اهڙا ايڪسپورٽرز جن آءِ ٽي ايڪسپورٽس ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، انهن کي حڪومتي سطح تي ساراهيو ويندو. آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن اجلاس کي پنهنجي آپريشنل مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ انهن مسئلن جي حل جي حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم آءِ ٽي انڊسٽري کي پنهنجي برآم??ي آمدني پاڪستان آڻڻ جي ترغيب ڏين??ي آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي فو??ي حل جي خاط??ي ڪرائي ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن خاط??ي ڪرائي ته آءِ ٽي انڊسٽري ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جو انگ 6 لک مان وڌائي 15 لک ڪرڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، يونيورسٽيون ۽ تربيتي ادارا ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪن. وزيراعظم آءِ ٽي نصاب کي آءِ ٽي انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير امين الحق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، سيد فهد حسين، شيزه فاطمه، اعليٰ سرڪاري آفيسرن پاڪستان جي آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن شرڪت ڪئي.