اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي پشاور ۾ مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي شديد مذمت ڪ??دي چي?? آهي ته عبادت دوران مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ اسلام، انسانيت ۽ پاڪستان جا دشمن آهن، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون ??وم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، سموري پاڪستاني ??وم دهشتگردي خلاف پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مسجد ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ نمازين جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چي?? ته سڄي پاڪستاني ??وم دهشتگردن جي مڪمل ۽ حتمي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. دهشتگردي جي پاڙ کان خاتمي لاءِ گڏيل ۽ ڏورس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته دهشتگردن جو نظرياتي بنياد ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀني مڪتبه فڪر کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسلام شهرين جي بي رحماڻي قتل ۽ خودڪش حملن جي اجازت بلڪل نه ٿو ڏي، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون اسلامي تعليم جي ابتڙ آهن. هن خودڪش حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي، حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.