اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف خصوصي صلاحڪار احد چيما جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف احد چيما جي والده جي لاڏاڻي تي احد چيما ۽ ان جي گهروارن سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعا??يٰ مرحومه کي جنت ۾ اع??يٰ مقام عطا فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.