اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي ??عاملن واري ??ملڪتي وزير حنا رباني کر انٽرنيشنل آرگ??ائ??زيشن فار ميڊي ايشن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي چارٽر ج?? اصولن ۽ مقصدن موجب پرامن طريقن سان عالمي تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. هن انٽرنيشنل آرگ??ائ??زيشن فار ميڊي ايشن جي پريپريٽري آفيس جي افتتاحي تقريب ۾ وڊيو پيغام ذريعي خطاب ڪيو. چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي ??عاملن واري ??ملڪتي وزير سمورين ڌرين کي آفيس کولڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انٽرنيشنل آرگ??ائ??زيشن فار ميڊي ايشن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجايو. هن گڏيل قومن جي چارٽر ج?? اصولن ۽ مقصدن موجب پرامن طريقن سان عالمي تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي پڻ ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي عالمي برادري جو گڏيل مقصد آهي، ان جي باوج??د حل نه ٿيندڙ ڪشمير مسئلي جهڙا عالمي تڪرار ترقي جي عمل کي متاثر ڪن ٿا ۽ غربت جو سبب بڻجندا رهن ٿا. هن چيو ته سڀ کان وڏي اسرندڙ ملڪ ۽ پائيدار ترقي جي حصيدار طور چين جو عوام جي ضرورتن کي بهتر طريقي سان پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته انٽرنيشنل آرگ??ائ??زيشن فار ميڊي ايشن عالمي تڪرارن جي فوري ۽ گهٽ لاڳت حل جي راهه هموار ڪندي.