اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اٽلي ۾ ٻيڙي حادثي ۾ ٻن درجن کان وڌ??ڪ پاڪستانين جي ٻڏي وڃڻ کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي پرڏيهي ??فيس کي هدايت ڪئي آهي ??ه جلد حقيقتن کان قوم کي آگاهه ڪري. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته اٽلي ۾ ٻيڙي جي حادثي ۾ ٻن درجن کان وڌ??ڪ پاڪستانين جي ٻڏي وڃڻ جون خبرون انتهائي پريشان ڪندڙ ۽ ڳڻتي جوڳيون آهن. وزيراعظم پرڏيهي ??فيس کي جلد کان جلد حقيقتون ڄاڻڻ ۽ قوم کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.