اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) افغانستان ۾ پا??ستان جي هيڊ آف مشن عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ واپس پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ ??يو ته اهو عمل افغان عبوري حڪومت سان ويجهي مشاورت کانپوءِ ممڪن ٿيو آهي. ترجمان ??يو ته 15 اپريل تي وقتي افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پا??ستان جي سفارتي مشنز ۽ اهلڪارن جي حفاظت جي حوالي سان افغان عبوري حڪومت جي ضرورت ۽ ذميوارين جو ورجاءُ ڪيو. هن ??يو ته عبيد نظاماڻي ۽ ان جي ٽيم کي اسان جون نيڪ خواهشون ۽ تعاون حاصل آهي.