اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پر??يه?? سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ 31 مئي کان پهرين جون تائين آذربائيجان ۽ جارجيا جو دورو ڪندو. پر??يه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پر??يه?? سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان باڪو ?? آذربائيجان جي نائب پر??يه?? وزير النور ممدوف سان پاڪستان آذربائيجان ٻطرفي سياسي مشاورت جي گڏيل صدارت ڪندو. ڳالهه ٻولهه دوران ٻئي ملڪ سياسي، اقتصادي، توانائي، تعيلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. پر??يه?? سيڪريٽري آذربائيجان جي ڪاروباري برادري جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو ۽ اڪيڊمي ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان پهرين جون تي جارجيا سان ٻطرفي سياسي مشاورت جي افتتاحي دور ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ جارجيا جي وفد جي قيادت نائب پر??يه?? وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي ڪندو. ڳالهين ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ايجنڊا ۾ ثقافتي، تعليم، سياحت، دفاع ۽ سلامتي جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمن ۾ تعاون شامل آهي. ٻئي ملڪ ٻطرفي سياسي مشاورت جي باضابطا ش??وع??ت بابت هڪ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندا.