اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان چار سال پنهنجي دماغ سان رڳو ملڪ کي ڦريو، ب??قي سڀ ٻين جي چوڻ تي ڪيو، ج??رل باجوه عمران خان ۽ عمران خان 22 ڪروڙ عوام کي ٽرڪ جي بتيءَ جي پٺيان لڳائي رکيو هو، توهان کي ڪڏهن آءِ ايس آءِ ٻين جي ڪرپشن جو ٻڌايو، ڪڏهن باجوه ٻڌايو ته توهان جا ثبوت ڪٿي آهن. عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي و??ير سوال ڪيو ته باجوه پنهنجي توسيع جي لاءِ آمريڪا مان لابنگ ڪري رهيو هو ۽ ت??هان بند ڪمري ۾ ان کي تاحيات ايڪسٽيشن جي آفر ڪري رهيا هئا؟ جنرل باوجوه هزار ڀيرا چيو هجي توهان اسيمبليون ڪنهن جي چوڻ تي ڇو ٽوڙيون، قوم کي چار سال سمجهه ۾ نه آيو ملڪ ۽ عوام کي توهان ڪهڙي طرح، ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان ڦريو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته عوام ۽ ملڪ سان جيڪو ٿيو تاريخ ۾ ڪٿي ڪنهن ملڪ سان اهڙو ظلم ناهي ٿيو. هن چيو ته عمران خان چار سال رڳو پنهنجي بيگم ۽ ان جي سهيلي فرح گوگي کي نوازيو، عمران خان اٽو، کنڊ، ب??لي ۽ گئس مافياز کي نوازيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ”ملڪ ۾ مارشل لاء لڳائي ڇڏيو“ جو بيان فارن فنڊڊ فتني جي اصل نيت ۽ مقصد جو ثبوت آهي. عمران خان سازش ڪري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن جي توهين ڪئي آهي.