اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فوج جي شهيد?? جي خاندانن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي سندن خدمتن کي ساراهيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي 2 جولاءِ تي بلوچستان ۾ ش??يد ٿيل ميجر ثاقب باجوه ۽ نائيڪ علي باقر جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن 20 جون تي اتر وزيرستان ۾ ش??يد ٿيل سپاهي گل رئوف جي وارثن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت شهيدن ۽ سنه?? جي خاندان?? جي حب الوطني جي جذبي کي سلا?? پيش ڪيو ۽ قوم طرفان شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت شهيد?? جي فرض سان لگن ۽ وطن لاءِ قرباني جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن لاء?? درج?? جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.