اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف اڄ اڱاري ڏ??نهن ??شاور جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پشاور ۾ فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جو افتتاح ڪندو، اها يونيورسٽي ضم ??يل ضلعن جي پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا انهن ضلعن جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار جي عين موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪندي. 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيورسٽي جو بنياد مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ رکيو ويو هو. وزيراعظم پشاور ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو. ان موقعي تي وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.