اسلام آباد -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان جمهوريت جي ستين سالگره ۽ قومي اتحاد جي ڏينهن جي ي??د ۾ ترڪيه جي برادر عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهي. ترڪيه ۾ جمهوريت جي ستين سالگره ۽ قومي اتحاد جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن بهادر ترڪ عوام جي عظيم قربانين ک?? ياد ڪندي اسان ا??هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا جن جمهوريت ۽ بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ جي گندي ڪوشش جو بهادري سان مقابلو ڪ??و. وزيراعظم چيو ته 2016ع جو هي تاريخي عهد وارو ڏينهن منهنجي ڀاءُ رجب طيب اردگان جي فعال ۽ متحرڪ قيادت تي غير متزلزل يقين ۽ گهري اعتماد جي به عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ان ڏينهن جو اهم نقطو اهو آهي ته گڏيل اتحاد، ڀائيچاري ۽ گهرن رشتن جي طاقت سان ڪنهن به چئلينج تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.