لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڇنڇر ڏينهن گورنر هائوس لاهور ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن ۽ مشهور ڪاروباري شخصيتن سان ??لاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ??طابق وزيراعظم ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول ۽ روانگ?? و??پار کي هٿي وٺائڻ لاءِ حڪومت جي پاليسين جي حوالي سان چيمبر جي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺندو. وزيراعظم چيمبر جي ميمبرن ۽ مشهور ڪاروباري شخصيتن جون تجويزون به ٻڌندو. بعد ۾ وزيراعظم جهنگ جو به دورو ڪندو. وزيراعظم جهنگ ۾ 1244 ميگاواٽ حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندو. حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ ساليانو 10 ارب يونتن مان 25 لک گهرن کي روشن ڪندو. وزيراعظ?? ان موقعي تي تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.