اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) صدر ??ملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته معذور ماڻ??ن کي معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ 10 کان 12 سيڪڙو اهڙا ماڻهو معذوري جو شڪار آهن، ذهني معذو??ي کان علاوه ٻڌڻ جي سگهه، ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم، جسماني معذوري جو شڪار ٻارن جي داخلا عام اسڪولن ۾ ٿيڻ گهرجي، جنهن جو قانوني طور ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، اهڙن ماڻهن لاءِ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ملازمتن ۾ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قانونسازي ڪئي وئي آ??ي، ته جيئن اهڙا ماڻهو خودڪفيل ٿي سگهن. اهڙو اظهار صدر ??ملڪت عارف علوي معذور ۽ خصوصي ماڻهن جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو. صدر ??ملڪت چيو ته هڪ محتاط اندازي مطابق پاڪستان ۾ تقريبن 10 کان 12 سيڪڙو ماڻهو معذوري جو شڪار آهن. حڪومتي سطح تي طئي ڪيو ويو آهي ته ذهني معذو??ي کان علاوه معذوري جو شڪار ٻارن کي داخلا عام اسڪولن ۾ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن ۾ چئن قسمن جون معذوريون هونديون آهن، جن ۾ ٻڌڻ جي سگهه، ڳالهائڻ جي سگهه ۽ جسماني معذوري شامل آهن. هن چيو ته قانوني لحاظ کان ذهني معذو??ي کان علاوه ٻين معذورن جو شڪار ٻارن جي داخلا عام اسڪولن ۾ ڪرڻ گهرجي ۽ ڪو به ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي. صدر ??ملڪت چيو ته اها ڳالهه انتهائي ضروري آ??ي ته اهڙن ٻارن لاءِ ڌار اسڪولن بدران عام اسڪولن م داخل ٿين. ان کان علاوه ملازمتن جي لحاظ کان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قانونسازي ڪئي وئي آ??ي. جنهن تحت ضروري آ??ي ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ 3 کان 5 سيڪڙو روزگار جا موقعا معذور ماڻ??ن کي فراهم ڪيا وڃن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته کين اهڙيون ملازمتون فراهم ڪرڻ گهرجن جن سان انهن جي مهارتن کي بهتر ڪري سگهجي ۽ ان حوالي سان نيشنل ووڪيشنمل ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) ۽ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) معذور ماڻهن لاءِ تربيت جا بندوبست ڪري رهيا آهن، ان ڳالهه لاءِ ڪوشان آهن ته 140 شعبن ۾ انهن جي مهارتن کي نکاري سگهجي ته جيئن اهي روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن. هن چيو ته ان حوالي سان روزگار فراهم ڪندڙ ادارن لاءِ پڻ طريقيڪار جوڙيو ويو آهي ته جيئن ان ڳالهه جو تعين ٿي سگهي ته ڪهڙي قسم جو روزگار فراهم ڪيو ويندو. صدر ??ملڪت چيو ته يونيورسٽين ۾ مفت تعليم، صحت جي سهولتن جي فراهمي، ڪرائين ۾ رعائت جي سهولت پڻ فراهم ڪري رهي آ??ي. صدر ??ملڪت چيو ته انهن سهولتن لاءِ معذوري جو شڪار ماڻ??ن کي نادرا کان سرٽيفڪيٽ ۽ شناختي ڪارڊ جي حاصلات لازمي آ??ي. نادرا 9 کان 18 سالن جي عمر تائين هڪ سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ٿي جنهن ۾ وضاحت ڪئي وڃي ٿي ته سرٽيفڪيٽ رکندڙ شخص ڪيتري حد تائين معذوري ۽ ڪهڙي معذوري جو شڪار آهي. 18 سالن جي عمر کان پوءِ مستقل شناختي ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ٿو. صدر ??ملڪت چيو ته هن عمل کان پوءِ خصوصي ماڻهن لاءِ روزگار ۽ بئنڪن مان قرضن جي حاصلات پبلڪ سيڪٽر ۾ سهولتن جي فراهمي جا رستا کلندا. صدر ??ملڪت ڪاروباري ماڻ??ن کي پڻ اپيل ڪئي آ??ي ته اهي قانون تي عمل پيرا ٿيندي معذوري جي شڪار ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪن، عوامي ماحول ۾ انهن جي آجيان ڪندي کين سهولتون فراهم ڪن. عمارتن ۽ روڊن تي خصوصي ماڻهن لاءِ رم بڻايا وڃن ته جيئن معاشري جي اهم ماڻهو طور خود ڪفيل ٿي سگهن.