راولپنڊي- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نشانِ امتياز (ملٽري) جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ 259هين ڪور ڪمانڊرز ڪا??فرنس منعقد ٿيو. ڪا??فرنس هر قسم جي سڌيءَ ريت توڙي اڻ سڌيءَ ريت خطرن خلاف پا??ست??ن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي عزم کي ورجايو. ڪا??فرنس جي شرڪت ڪندڙن هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن، جوانن ۽ سول سوسائٽي جي شهيدن جن ملڪ جي حفاظت، سلامتي ۽ وقار لاءِ پنهنجون جانيون ڏنيون. انهن جي عظيم قربانين تي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ڪا??فرنس جي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته رياست پا??ست??ن ۽ هٿياربند فوج شهيدن ۽ انهن جي ڪٽنبن کي هميشه احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ڪا??فرنس ۾ شهيدن جي روحن کي ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني به ڪئي وئي. 6 سيپٽمبر تي ملڪ ۾ يومِ دفاع ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي پاڪ فوج پنهنجي قابل فخر قوم جو ٿورو مڃيو. ڪا??فرنس جي شرڪت ڪندڙن هر قسم جي سڌيءَ ريت توڙي اڻ سڌيءَ ريت خطرن خلاف پا??ست??ن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي عزم کي ورجايو. فورم هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته رياستي ادارن ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽي پيدا ڪرڻ لاءِ مڪروه پروپيگنڊا ڪندڙن کي مايوسيءَ کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو ۽ ان جي نتيجي ۾ اهڙيون ڌُريون وڌيڪ رسوائيءَ جو شڪار ٿينديون انشاءَ الله. ڪا??فرنس ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو ته دهشتگرد جيڪي پا??ست??ن کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن انهن جي سهولت ڪارن ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪندڙ ڌُرين خلاف رياست مڪمل طاقت سان مُنهن ڏيندي. ڪا??فرنس دوران ضم ٿيل ضلعن ۽ بلوچستان جي بارڊر وارن ضلعن ۾ پائيدار امن جي ترقيءَ تي پڻ زور ڀريو ويو. ڪا??فرنس جي شرڪت ڪندڙن کي قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز ۽ وڌندڙ خطرن جي جواب ۾ پنهنجي حڪمت عمليءَ جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف آپريشنز دوران پيشوراڻي مهارت جي معيار کي برقرار رکڻ ۽ فارميشنز جي تربيت دوران بهترين ڪارڪردگي جي حاصلات تي زور ڀريو. هن پنهنجي فوجين جي فلاح بهبود ۽ حوصلي کي برقرار رکڻ ۽ مسلسل توجه?? ڏيڻ تي ڪمانڊرز جي تعريف ڪئي جيڪي فوج جي آپريشنل تياريءَ جو بنياد آهن. ڪور ڪمانڊرز ڪا??فرنس ۾ ان ڳالهه جو پڻ عزم ورجايو ويو ته ملڪ ۾ معاشي سرگرميون جيڪي هن وقت خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي نگرانيءَ هيٺ جاري آهن، ان جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي ۽ اهڙيون سرگرميون جيڪي معيشت کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون انهن جي خاتمي لاءِ حڪومت جي مڪمل ??عا??نت ڪئي ويندي.