اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته ??ئي?? جي آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسيمبلي جي لاءِ ??ام چونڊون قومي اسيمبلي جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي نالي خط ۾ چيو آهي ته صدر 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي کي تحليل ڪيو، ??ئي?? جي آرٽيڪل 48 (5) تحت صدر جو اختيار آهي ته قومي اسيمبلي جون ??ام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ، تحليل جي تاريخ کان 90 ڏينهن جي ??ند?? جي تاريخ مقرر ڪري. هن چيو ته آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسيمبلي جي لاءِ ??ام چونڊون قومي اسيمبلي جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. صدر چيو ته ??ئي??ي ذميواري پوري ڪرڻ جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملاقات جي لاءِ گهرايو ويو ته جيئن ??ئي?? ۽ ان جي حڪم کي لاڳو ڪرڻ جو طريقو جوڙي سگهجي، چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ۾ ابتڙ موقف اختيار ڪيو ته ??ئي?? جي اسڪيم ۽ فريم ورڪ موجب اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. صدر پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته آگسٽ ۾ آدمشماري جي اشاعت کانپوءِ تڪبندين جو عمل پڻ جاري آهي ۽ ??ئي?? جي آرٽيڪل 51 (5) ۽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 17 تحت اها هڪ لازمي شرط آهي. هن چيو ته قانون ۽ انصاف واري وزارت به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جهڙي راءِ رکي ٿي، چئني صوبائي حڪومتن جو خيال آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي. ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته وفاق کي مضبوط بڻائڻ، صوبن جي وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي جي فروغ ۽ غيرضروري خرچن کان بچڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون ??ام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ تي اتفاق آهي. صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن ذميوار آهي ته اها آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ آرٽيڪل 51، 218، 219، 220 ۽ اليڪشنز ايڪٽ 2017ع تحت طئي ٿيل سمورن ??ئي??ي ۽ قانوني قدمن جي پابندي ڪري. صدر چيو ته سمورن نقطن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن ??ئي?? جي لاڳاپيل شقن تحت صوبائي حڪومتن ۽ سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته ڪجهه معاملا اڳ ۾ ئي ٻڌڻي هيٺ آهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اعليٰ عدليه کان رهنمائي حاصل ڪري.