جده-01 نومبر (اي پي پي)اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) اسرائيل ??رفان فلسطين ۾ جاري قتل عام ۽ جنگي ڏوهن خاص طور تي جباليه ڪيمپ ۾ تازي قتل عام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آ??ي. جده ۾ او آءِ سي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل ??يان مو??ب اسرائيلي قابض فوج طرفان پناهگير ڪيمپ تي حملي ۾ رهائشي علائقو مڪمل تباهه ۽ سوين فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا. او آءِ سي عالمي برادري کان وحشياڻي اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ ۽ فلسطيني شهرين کي عالمي ت??فظ فراهم ڪرڻ لاءِ فوري مداخلت جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. او آءِ سي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو بنيادي سامان جي فراهمي سان گڏوگڏ فوري ۽ ڊگهي انساني امداد کي يقيني بڻائي.