اسلام آ??اد – 27 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي سان نائجيريا ۾ پاڪستان ??ي نامزد هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ٿيندڙ ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي نائجيريا سان واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته نائجيريا سان واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻو پوندو، نائجيريا آفريقا جي سڀ کان وڏي معيشت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي نائجيريا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جا موقعا ڳولڻ گهرجن. اقتصادي سفارتڪاري پاڪستان ??ي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي حصو آهي. نامزد هاءِ ڪمشنر ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان کي نائجيريا ۾ مقرري تي کيس مبارڪباد ڏني.