اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نئين دهلي ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن هلندڙ مهيني ڀارت جي هندو ياترين کي پنجاب ۾ ڪٽاس راج مندر جي ??وري ۽ شاداني درٻار حيات پتافي، سنڌ ۾ سالياني تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ 166 ويزا جاري ڪ??ا آهن. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان هلندڙ مهيني بابا گرو نانڪ جي 544 هين جنم ڏينهن جي ??قريبن جي موقعي تي ڀارت مان 3 هزار سک ياترين کي 25 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين پاڪستان اچڻ جي لاءِ ويزا پڻ جاري ڪ??ا. ترجمان چيو ته 1974ع جي مذهبي جاين جي ??ورن بابت پاڪ ڀارت پروٽوڪول تحت پاڪستان هر سال مختلف مذهبي ڏڻن ۽ موقعن ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت مان هزارين سک ياترين کي پاڪستان ۾ آجيان ۽ سهولت فراه?? ڪري ٿو. هن چيو ته زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ پاڪستان جي مذهبي جاين جي ??ورن کي آسان بڻائڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ??زم موجب آهي. ترجمان چيو ته هن سال پاڪستان ايندڙ ڀارتي ز??ئرين کي 6824 ويزا جاري ڪ??ا ويا.