لاهور – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آ??ي ته موسمياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ملڪ کي غيرمعمولي چئلينجز درپيش آهن جن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ تحقيق ۽ علم حاصل ڪرڻ لازمي آهي، علم حاصل ڪرڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. اها ڳالهه هن انفارميشن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي پنجاب جي چوٿين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، وائيس چانسلر آءِ ٽي يو پروفيسر ڊاڪٽر عدنان نور، مختلف يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز، فيڪلٽي ميمبر ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير چيو ته پاڪستان کي غيرمعمولي چئلينجز درپيش آهن جن ۾ معاشي بدحالي، عدم برداشت ۽ پرتشدد رويا شامل آهن. انهن چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ شاگردن جي اهم ڪردار تي زور ڏيندي هن چيو ته قومون چئلينجز کي منهن ڏينديون آهن، چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعليم سڀ کان اهم ذريعو آ??ي، انسانيت سمورن مذهبن جو نصب العين رهي آهي ۽ اهو ئي مقصد تعليم جو آ??ي ته اسان هڪ بهتر انسان بڻجون. هن چيو ته موسمياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، موسمياتي ايمرجنسي جا اثر هر ڏينهن ڏسون ٿا، اسان کي قدرتي ماحول جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. منفي پروپئگنڊه جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏيندي نگران و??اقي وزير چيو ته بدقسمتي سان هن وقت ڪجهه ماڻهو ريٽنگ جي چڪر ۾ سوشل ميڊيا تي غلط ۽ ڪوڙيون خبرون ڦهلائين ٿا جنهن جو اسان کي مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جهڙيون ريسرچ يونيورسٽيون جنهن بنياد تي قائم ٿيون آهن، جيڪڏهن ان کي برقرار رکيو وڃي ته مشڪلاتن جو حل نڪري ايندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير ان حوالي سان ناليواري جرمن ڊراما نگار بهٽولٽ بريٽ جي مشهور ڊرامي ”دي ايڪسيپشن اينڊ دي رول“ (ڇوٽ ۽ قاعدو) جي پرولاگ جو پڻ حوالو ڏنو. ڪانووڪيشن ۾ 524 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون و??ون جڏهن ته 5 شاگردن کي پي ايڇ ڊي ۽ 16 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. ان کان اڳ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي پنجاب ۾ شاگردن جي لاءِ هاسٽل جي پيڙهه جو پٿر رکيو.