اسلام آباد -29 ڊسمبر (اي پي پي) خوراڪ جي تحفظ واري نگران وفاقي وزير ڪوثر عبدالله ملڪ چيو آهي ته آبادگارن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، آبادگارن جي درپيش مسئلن جو مڪمل حل آهي، حڪومت آبادگارن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ۾ پاڪ فوج جي مدد حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي ڪسان ڪنوي??شن کي خطاب ڪندي ??يو. ڪوثر عبدالله ملڪ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڀاڻ جا مسئلا حل ٿي ويندا، لائيو اسٽاڪ جو ڪاروبار ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، آمدني واپار ۽ روانگي واپار لاءِ آبادگار ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي قومي ڪسان ڪنوي??شن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي. قومي ڪسان ڪنوي??شن ۾ آبادگارن کي زراعت جي حوالي سان خصوصي دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ خوراڪ جي تحفظ جي حوالي سان حڪومت ۽ پاڪ فوج جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. قومي ڪسان ڪنوي??شن کي آبادگارن جي چيف ڪوآرڊينيٽر ڪرنل (ر) هاشم ڊوگر به خطاب ڪيو ۽ چيو ته قومي ڪسان ڪنوي??شن ڪوٺائ?? خوش آئنده آهي ان سان ملڪي زراعت جي ترقي جي حوالي سان حڪومت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو. هن چيو ته آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي جي حوالي سان مسئلا درپيش ??هن تنهن هوندي به حڪومت طرفان مسئلن جي حل جي خاطري تي آبادگار اطمينان جو اظهار ڪري رهيا آهن.