اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شا??يره شا??د چيو آهي ته اسان کي هر فورم تي ڪشميري ڀينرن ڀائرن س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو ۽ انهن تي ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ کي دنيا آڏو آڻڻو پوندو ته ج??ئن دنيا کي خبر پئجي سگهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جا ماڻهو ڪهڙين مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن س??وسز اڪيڊمي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد ڊيجيٽل فوٽوگرافي اينڊ پينٽنگز نمائش ۾ ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شا??يره شا??د وڌيڪ چيو ته 5 فيبروري جي ڏينهن جي اهميت کان اسان سڀ ماڻهو واقف آهيون ۽ اسان کي گهرجي ته ان ڏينهن کي ڀرپور طريقي سان ملهايون ته ج??ئن دنيا کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪري سگهجي. هن چيو ته ڀارت جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته ڪشمير جي ماڻهن کي ڪشمير مان بيدخل ڪيو وڃي ۽ اتي هندوئن کي آباد ڪيو وڃي ته ج??ئن جڏهن به ريفرنڊم ٿئي ته ان کي ان جا گهربل نتيجا ميسر هجن. هن چيو ته اسان کي ڪشمير ۾ هندو آبادڪاري جي خلاف ڀرپور آواز اٿارڻو پوندو ته ج??ئن ڀارت پنهنجي انهن ڪڌي مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿئي. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ثمينه فرزين شيخ چيو ته ج??ستائين ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿو ٿئي پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جا??ي رکندو. هن چيو ته اسان جي دل ڪشميرين س??ن گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ اسان هر سطح ۽ هر فورم تي انهن جي حق ۾ آواز اٿاريندا رهنداسين. تقريب ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران ڪشمير بابت تيار ڪيل ملي نغمو ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ڪائونسل جي تيار ڪيل دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملي نغمو پيش ڪيو ۽ تقريرون پڻ ڪيون.